لاهور (ويب ڊيسڪ ) لاهور جي اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ ( اي ايس پي) سيده شهربانو نقوي کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وومين ونگ سربراهه جو عهدو ملڻ جو امڪان آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وومين ٽيم جي سربراهه جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي جنهن لاءِ شهر بانو نقوي کي مضبوط اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي.
ذريعن موجب، شهر بانو پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي پنجاب جي نگران وڏ وزارت واري دور ۾ عهدي تي گهڻو سرگرم رهي.
هلندڙ سال 25 فيبروري تي پنجاب جي شهر لاهور ۾ عورت پاران عربي لفظن سان چٽيل ڪپڙا پائڻ تي هجوم پاران عورت تي مذهب جي توهين جو الزام لڳايو ويو هو ، جنهن کي عورت پوليس آفيسر شهربانو نقوي ڪارروائي ڪندي عورت کي بچائي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪيو هو.
پي سي بي ۾ وومين ڪرڪيٽ جي سربراهه جو عهدو هن وقت خالي آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ تانيا ملڪ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.
تانيا ملڪ ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ ۾ وومين ٽيم جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ۽ اختيار گهٽائڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) وومين ونگ جي سربراهه عهدي تان استعيفيٰ ڏني.
تانيا ملڪ 2021ع کان 2024ع تائين وومين ونگ جي سربراهه طور فرض سرانجام ڏنا.