جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب، آئيني بئنچن جي ججن جي نامزدگي تي غور ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جڊيشل ڪميشن جو پهريون اجلاس طلب ڪري ورتو.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي 5 نومبر تي جڊيشل ڪميشن جو اجلاس طلب ڪيو آهي، جڊيشل ڪميشن جو اجلاس 5 نومبر تي منجهند 2 وڳي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي صدارت ۾ ٿيندو.
26هين آئيني ترميم ۽ جڊيشل ڪميشن نئين سر جڙڻ کانپوءِ اهو پهريون اجلاس هوندو.
اجلاس ۾ جڊيشل ڪميشن جي سيڪريٽريٽ جي قيام تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بئنچن لاءِ ججن جي نامزدگي تي به غور ڪيو ويندو.
اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل جو نمائندو اختر حسين، پ پ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، ن ليگ جو شيخ آفتاب احمد، تحريڪ انصاف جا عمر ايوب، شبلي فراز ۽ عورت ميمبر روشن خورشيد به شرڪت ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.