آمريڪا روس کي جگنگي سامان فراهم ڪندڙ 19 ڀارتي ڪمپنين تي پابنديون هڻي ڇڏيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا طرفان سڄي دنيا جي تقريبن 400 ڪمپنين ۽ ماڻهن تي پابنديون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ناڻي واري وزارت موجب اهي پابنديون روسي فوج کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سامان فراهم ڪرڻ تي لاڳو ڪيون ويون آهن.
آمريڪي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته روس طرفان يوڪرين خلاف غير قانوني ۽ غير اخلاقي جنگ وڙهڻ ۾ مدد فراهم ڪندڙن خلاف آمريڪا ۽ ان جا اتحادي اهڙا قدم کڻندا رهندا.
ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 19 ڀارتي ڪمپنين ۽ 2 ڀارتي شخصيتن تي به پابنديون لڳيون آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارتي ڪمپنيون روس کي اليڪٽرانڪ، ڪمپيوٽر ۽ ايوي ايشن بابت سامان فراهم ڪري رهيون هيون.
ردعمل ۾ ڀارتي اختيارين چيو ته انهن ڪمپنين ڀارتي قانونن جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، معاملي تي آمريڪي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.
You might also like