ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر صاحبزاده فرحان چيو آهي ته هو پهريان به آسٽريليا جو دورو ڪري چڪو آهي، اتي کيڏڻ ۾ مسئلو ناهي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي نوجوان ڪرڪيٽر چيو ته محمد رضوان جي ڪپتاني ۾ کيڏڻ ۾ ڪا به ڏکيائي پيش نه ايندي.
هن وڌيڪ چيو ته آسٽريليا جي ڪنڊيشنز کان واقف آهيون، جتي به موقعو ملندو، اتي کيڏڻ لاءِ دستياب هوندس.
واضح رهي ته صاحبزاده فرحان ڇهن رانديگرن ۾ شامل آهي، جيڪي آسٽريليا خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو حصو آهن، رانديگرن جي تربيتي ڪئمپ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ جاري آهي.
آسٽريليا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 14 کان 18 نومبر تائين کيڏي ويندي.
You might also like