فيمنزم جي علمبردارن کي عام عورتن جي مسئلن جي خبر ئي ناهي: فائزا گيلاني

لاهور (ويب ڊيسڪ ) خوبرو اداڪارا فائزا گيلاني چيو آهي ته فيمنزم جا علمبردار معاشري جي عام عورتن جي مسئلن کان اڻ واقف آهن.
فائزا گيلاني ويجهڙائي ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جتي هن ڪيريئر ۽ نجي زندگي سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي ڳالهايو.
پوڊ ڪاسٽ دوران فيمنزم بابت سوال جي جواب ۾ فائزا گيلاني چيو ته فيمنزم بابت سندس سوچ مختلف آهي، هوءَ حد درجي جي فيمنسٽ هئڻ باوجود اڄ تائين عورت مارچ ۾ شريڪ ناهي ٿي.
اداڪارا چيو ته هن کي عورت مارچ جي ڪجهه نعرن تي اختلاف آهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ” فيمنزم “ جو مطلب آهي ته ڪو به شخص عورتن کي اِهو آرڊر نٿو ڪري سگهي ته کين ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا ناهي ڪرڻو.
هن چيو ته اِها عورتن جي پنهنجي مرضي هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي پسند جو لباس پائن، هو پردو ڪن يا نه ڪن اِهو اِهو اختيار وٽن هجي ۽ ڪير به کين ڊڪٽيٽ نه ڪري سگهي.
فائزا گيلاني چيو ته فيمنزم جي پرچار ڪرڻ وارا معاشري جي عام عورتن جي مسئلن کان اڻ ڄاڻ بڻيل آهن.
هن وڌيڪ چيو ته فيمنزم جو جهنڊو بلند ڪندڙ عورتن جو واسطو ٻئي ڪلاس سان آهي،کين اِهو احساس ناهي ته روزاني بنيادن تي ملڪ جي عورتن سان گهرن ۾ ڇا وهي واپري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.