ميلبورن (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي نائب ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي ۾ وقت آهي، في الحال سمورو ڌيان آسٽريليا خلاف سيريز تي آهي.
ميلبورن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٽيم جو هر ميمبر آسٽريليا سان سيريز لاءِ پُرجوش آهي ۽ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو خواشمند آهي.
آل رائونڊر چيو ته آسٽريليا جي ڪنڊيشنز ۽ ٽيم کي نظر ۾ رکي پليئنگ اليون ترتيب ڏني ويندي.
سلمان آغا چيو ته آسٽريليا آئي اڃا ٻه ڏينهن ٿيا آهن، پليئنگ اليون تي مشاورت ناهي ٿي، جيسن گليسپي کي هتان جي ڪنڊيشنز جي ڄاڻ آهي جنهن مان لاڀ حاصل ڪري رهيا آهيون.
هن چيو ته هڪ سال کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ کيڏي رهيا آهيون، رڳو ڪِٽ جو رنگ مٽيو آهي، بيٽ ۽ بال ساڳو ئي آهي، پنهنجي بهترين راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
نائب ڪپتان چيو ته پاڪستان جو پيس اٽيڪ انتهائي زبردست آهي، تيز بالر 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بالنگ جي صلاحيت رکن ٿا.
هن چيوته بابر، شاهين ۽ نسيم کي ڊراپ نه آرام ڏنو ويو هو جيڪا وقت جي گهرج هئي، لڳاتار ڪرڪيٽ بعد سندن لاءِ آرام ضروري هو، هاڻي هو پاڻ کي تازو توانو محسوس ڪري رهيا آهن.