جڊيشل ڪميشن تي پ پ ۽ نواز ليگ وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا

اسلام آباد(فخر دراني)جڊيشل  ڪميشن جي معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا،جڊيشل ڪميشن جي معاملي تي پ ۽ ن ليگ وچ ۾ ڊيڊلاڪ پيدا ٿي ويو آهي، پ پ جو مطالبو آهي ته جڊيشل ڪميشن لاءِ حڪومتي اتحاد پاران جيڪي نالا ڏنا ويا آهن اهي ٻئي پ پ جا ميمبر ئي هجن،پ پ جو موقف آهي ته ن ليگ جا ٻه ماڻهو قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل جي صورت ۾ اڳ ۾ ئي جڊيشل ڪميشن ۾ موجود آهن،ن ليگ پاران سينيٽر عرفان صديقي کي ميمبر لاءِ نامزد ڪرڻ بعد ٻنهي پارٽين ۾ ڊيڊلاڪ پيدا ٿي ويو آهي،پ پ چاهي ٿي ته بلاول ڀٽو زرداري کان علاوه فاروق ايڇ نائيڪ کي به ميمبر بڻايو وڃي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، جمعو 01 نومبر 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.