اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاسپورٽ کاتي رولز ۾ ترميم ڪندي پاسپورٽ ٺهرائڻ لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ايڊريس جو شرط ختم ڪري ڇڏيو.
پاسپورٽ رولز ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، جنهن موجب شهري هاڻ ڪنهن به شهر مان پاسپورٽ ٺهرائي سگهن ٿا، رولز ۾ ترميم جو خط علائقائي آفيسن کي موڪليو ويو آهي.
خط ۾ هدايت ڪئي وئي ته نئين پاليسي تحت شهرين کي حدن جي دائري ۾ نرمي ڏني ويندي، شهري پاڪستان جي ڪنهن به شهر مان پاسپورٽ لاءِ اپلاءِ ڪري سگهن ٿا.
ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ايڊريس جي بنياد تي پاسپورٽ ٺاهڻ جي سهولت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.
You might also like