قيدين جي ملاقات ۾ سياسي گفتگو تي پابندي ڪالعدم قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قيدين جي سياسي گفتگو تي پابندي کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي جيل ۾ قيدين جي ملاقات ۾ سياسي گفتگو تي پابندي جي شق کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان، شير افضل مروت جي درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته قيدين جي سياسي گفتگو تي بلينڪٽ پابندي آئين جي اظهار جي آزادي جي شقن سان ٽڪراءُ آهي.
واضح رهي ته پي ٽي آءِ باني جي سياسي اڳواڻن سان ملاقاتن تي پابندي جو سبب جيل رولز جي اها شق ٻڌائي وئي هئي.
شير افضل مرورت پي ٽي آءِ باني جي ملاقاتن تي پابندي کانپوءِ شق 265 ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.