سلمان خان ۽ پيءُ جي پتلن کي باهه ڏئي احتجاج

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر جئپور ۾ بشنوئي برادري بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان ۽ سندس پيءُ سليم خان خلاف احتجاج ڪيو آهي.

ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ سليم خان پنهنجي پٽ سلمان خان تي ڪاري هرڻ جي شڪار جي الزام تي ردعمل ڏيندي چيو ته سلمان خان بيگناهه آهي، هن ڪڏهن به ڪنهن جانور کي تڪليف ناهي پهچائي.

سليم خان جي اهڙي بيان کان پوءِ بشنوئي برادري سلمان خان ۽ سليم خان خلاف جئپور ۾ احتجاج ڪيو ۽ سندن پتلا پڻ ساڙيا ويا.

احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان بشنوئي آهيون، اهڙي قسم جي ڪوڙي بيان بازي ڪري اسان ڪنهن کي به بدنام نٿا ڪريون، جڏهن ته 26 سال اڳ ڪيس داخل ٿيو هو ته اسان جي برادري احتجاج ڪيو هو، سليم خان ڪوڙا بيان ڏئي ماڻهن کي گمراهه نٿو ڪري سگهي.

مظاهرين چيو ته سليم خان جي بيان برادري کي تڪليف پهچائي ۽ اسان ڪاري هرڻ جي شڪار جي ڪيس ۾ انصاف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.