ڊيرا اسماعيل خان (ويب ڊيسڪ) جي يو اءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، رياست جي رهواسين جو ادارن تي اعتماد ختم ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي.
ڊيرا اسماعيل خان ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهائيندي هن چيو ته هن صورتحال جا ڳنڀير نتيجا سامهون اچڻ کان اڳ ازالو ضروري آهي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته 26هين ائيني ترميم جمهوريت، آئين جي تحفظ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اسان کي رياست، رياستي ادارن جي بقا ۽ سلامتي عزيز آهي.