سون جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪي ۽ عالمي منڊين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون ٻه هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک چوراسي هزار ٽي سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت 1714 رپيا واڌ بعد 2 لک 43 هزار 741 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 22 ڊالر چاڙهه کانپوءِ ٻه هزار ست سئو اٺيتاليهه ڊالرن جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.