اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس يحيٰ آفريدي پاڪستان جي 30 هين چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو،
نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي قسم کڻڻ واري تقريب ايوانِ صدر ۾ ٿي.
تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، ٽنهي هٿياربند فوجن جي سربراهن، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، گورنر پنجاب سليم حيدر ۽ گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي شرڪت ڪئي.
تقريب دوران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ جي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ٻين به شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري، جسٽس يحيٰ آفريدي کي عهدي جو قسم کڻايو.
قسم کڻڻ بعد صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف، نئين چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان هٿ ملايو ۽ عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ ڏني.
ڇويهين آئيني ترميم لاڳو ٿيڻ کانپوءِ پارليامينٽ جي خاص ڪميٽي جسٽس يحيٰ آفريدي کي چيف جسٽس لاءِ نامزد ڪيو هو.
جسٽس يحيٰ آفريدي جي ڪيريئر تي هڪ نظر
سپريم ڪورٽ جو جج جسٽس يحيٰ آفريدي 23 آڪٽوبر 1965ع تي ڊيرا اسماعيل خان ۾ پيدا ٿيو، شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي، گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ۽ پنجاب يونيورسٽي لاهور مان ايم اي معاشيات جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڪامن ويلٿ اسڪالرشپ تي جيسس ڪاليج ڪيمبرج يونيورسٽي مان ايل ايل ايم جي ڊگري به حاصل ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي 1990ع ۾ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت سان پريڪٽس شروع ڪئي ۽ 2004ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور وڪالت جي شروعات ڪئي.
جسٽس يحيٰ آفريدي خيبرپختونخوا لاءِ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طور خدمتون سرانجام ڏنيون، 2010ع ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل جج مقرر ٿيو.
نامز چيف جسٽس کي 15 مارچ 2012ع تي مستقل جج مقرر ڪيو ويو، 30 ڊسمبر 2016ع تي جسٽس يحيٰ آفريدي پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کنيو.
جسٽس يحيٰ آفريدي 28 جون 2018ع تي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو، جسٽس يحيٰ آفريدي اعليٰ عدليا ۾ مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ لارجر بينچ جو حصو رهيو ۽ ڪيس بابت پنهنجو اختلافي نوٽ به لکيو هو.
ان کانسواءِ جسٽس يحيٰ آفريدي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي خلاف صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي 9 رڪني لارجر بينچ جو حصو پڻ رهيو…….
Next Post
You might also like