ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ چئن هفتن اندر ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ۾ مبينا بي ظابطگين خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته گذريل شنوائي تي ڪميٽي جي جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪميٽيءَ ڪجهه ڪم ڪيو يا گهر ۾ آرام ڪندا رهيا؟
ڪميٽي جي چيئرپرسن شيرين ناريجو رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، عدالت چيو ته بنيادي ذميواري پي ڊي ايم سي ۽ ڊائو يونيورسٽي جي هئي، جيڪڏهن رپورٽ موجب امتحان ۾ ڪا به بي ظابطگي ناهي ٿي ته درخواستگذارن جو موقف ٻڌو ويندو، ٽيسٽنگ ايجنسي جو مقصد الڳ هوندو آهي، اوهان يونيورسٽيز کي ڦاسائي ڇڏيندا آهيو، ڪڏهن جناح سنڌ يونيورسٽي کي ذميواري ڏني ڪڏهن ڊائو يونيورسٽي کي ذميواري ڏني.
شيرين ناريجو چيو ته ڪميٽي ڊائو يونيورسٽي جي امتحان واري نظام کي چيڪ ڪيو آهي، درخواستگذارن جي بيانن ۽ ثبوتن جو جائزو پڻ ورتو ويو، ڪجهه شاگردن رابطو ڪيو ته امتحان ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي، اهڙن شاگردن جا بيان به ورتا ويا آهن، ڪميٽي جي جاچ ۾ امتحان واري نظام ۾ خاميون نوٽ ڪيون ويون، مختلف پوائنٽ تي سسٽم ڪمپرومائز ٿيو آهي، امتحاني نظام جي ذميوارن ۾ 40، 42 ماڻهو شامل رهيا آهن.
عدالت چيو ته مڪينزم ڪمپرومائز ٿيو آهي، مطلب پرچو ليڪ ٿيو آهي؟ جنهن تي شيرين ناريجو چيو ته واٽس ايپ تي جواب ۽ مختلف سوال موجود هئا.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پڇاڻو ڪيو ته ان معاملي ۾ ايف آءِ اي جو ڪهڙو ڪردار آهي، ايف آءِ اي ڪهڙي جاچ ڪئي؟ جاچ اداري ڪنهن کي گرفتار ڪيو يا ڪنهن جي نالي جي نشاندهي ڪئي آهي؟
عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايم ڊي ڪيٽ ۾ مبينا بي ظابطگين خلاف درخواستن تي مختصر فيصلو ٻڌائيندي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ هڪ ميهني اندر ٻيهر وٺڻ جو حڪم ڏنو آهي.
Prev Post
You might also like