اهڙو ڪم ڪري رهيو آهيان جيڪو ايندڙ نسل کي متاثر ڪندو: اي آر رحمان

چنائي (ويب ڊيسڪ ) ناليواري ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار اي آر رحمان چيو آهي ته هن گهڻو اڳ آسڪر کٽيو هو پر هاڻي ان جي ڪنهن کي پرواهه آهي؟
سندس چوڻ هو ته هو هاڻي اهڙو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪو سندس دل جي ويجهو آهي ۽ ايندڙ نسل کي متاثر ڪندو.
اي آر رحمان ويجهڙائي ۾ هڪ مقامي مئگزين کي انٽرويو ڏنو جنهن ۾ هن پنهنجي ڪيريئر، نجي زندگيءَ سميت مختلف موضوعن تي تفصيلي گفتگو ڪئي.
انٽرويوءَ دوران اي آر رحمان ٻڌايو ته هاڻي کيس پاڻ مڃائڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي، هاڻي هو اهڙي پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو جنهن ۾ هو پنهنجي تخليقي صلاحيتون ڏيکاري سگهي.
هن چيو ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ منجهس برداشت ڪرڻ جي صلاحيت  گهٽجندي پئي وڃي، ٻه شيون ڏاڍو تنگ ڪنديون آهن هڪ سيلفيءَ لاءِ آيل مداح جي فون تي لڳل ٽائمر ٻي اهڙا هدايتڪار جيڪي کيس ورغلائيندا آهن.
اي رحمان وضاحت ڪندي چيو ته اهڙا هدايتڪار جيڪي گيتن ۾ عجيب ٻول شامل ڪندا آهن جنهن تي هو پاڻ کان سوال ڪندو آهي ته ڇا اِهي ٻول اسٽيج تي ڳائي سگهجن ٿا؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ هوندو آهي ته هو پروجيڪٽ تي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي.
واضح رهي ته اي آر رحمان پنهنجي ميوزڪ سفر جي شروعات سال 1992ع ۾ تامل فلم” روجا “ جي گيت ” چنا چنا آسا“ سان ڪئي هئي.
گلوڪار هنيئر تائين سئو کان وڌيڪ مختلف ٻولين جي فلمن لاءِ موسيقي ڪمپوز ڪري چڪو آهي، کيس 2009ع ۾ فلم ” سلم ڊاگ ملينر“ لاءِ بهترين اوريجنل اسڪور ۽ بهترين اوريجنل گيت جا ٻه آسڪرز ايوارڊ ملي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.