اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بيورو ڪريٽس جي پرڏيهي تعليمي دورن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ بيورو ڪريٽس جي پرڏيهي تعيلمي دورن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نيشنل مئنيجمينٽ ڪورسز تحت فارن اسٽڊي ٽور فوري طور تي معطل ڪيا وڃن.
نوٽيفڪيشن تحت 121هين مئنيجمينٽ ڪورس ۾ شرڪت ڪندڙ فارن اسٽڊي ٽور نه ڪري سگهندا، جڏهن ته مستقبل ۾ مئنيجمينٽ ڪورسز لاءِ فارن اسٽڊي ٽورز تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
You might also like