ايپل جي آءِ فون ايس اي فور جي تياري بابت ڊگهي عرصي کان خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
هڪ تازي ليڪ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايپل جي سستو ترين آءِ فون ڪڏهن متعارف ڪرائي سگهجي ٿي.
ليڪ موجب، آءِ فون ايس اي فور ماڊل 2025ع جي شروعاتي ٽه ماهي دوران متعارف ڪرايو ويندو.
سال 2022ع ۾ متعارف ڪرايل آءِ فون ايس اي جي جاءِ والاريندڙ نئين آءِ فون جي ڊيزائن به پهريان کان مختلف هجڻ جو امڪان آهي.
مختلف ليڪس موجب، نئين آءِ فون ايس اي بنيادي طور تي آءِ فون 14 جي ڊيزائن تي ٻڌل هوندي يعني ان ۾ هوم بٽڻ نه هوندو جڏهن ته ان ۾ فيس آءِ ڊي جي آپشن جو واڌارو ڪيو ويندو.
ليڪ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ فون ايس اي فور جي پروڊڪشن ڊسمبر کان شروع ڪرڻ جو امڪان آهي.
ايپل جي ڊيوائسز بابت درست ليڪس جاري ڪندڙ ڪارمنگ چي ڪيو ٻڌايو ته ڊسمبر ۾ پروڊڪشن شروع ڪئي ويندي ۽ مارچ تائين سستي آءِ فون واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرائي ويندي.
ان کان اڳ ليڪس ۾ ڄاڻايو ويو هو ته آءِ فون ايس فور جي بيڪ تي 48 ميگا پڪسل ڪئمرا ڏئي سگهجي ٿي.
اهڙي ريت گذريل ماڊل جي ڀيٽ ۾ اي ايس فور جو ڊسپلي وڏو هوندو ۽ فون ۾ 6.06 انچ جي اسڪرين ڏيڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته في الحال آءِ فون ايس اي (2022) ڪمپني جي سستي ترين فون آهي، جيڪا 429 ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
You might also like