شاگردن لاءِ اهم خبر، اسڪول کلڻ جو شيڊيول تبديل

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) فضائي گدلاڻ سبب لاهور ۾ اسڪول کلڻ جي شيڊيول تبديل ڪيو ويو آهي.
ان ڏس ۾ پنجاب جي ماحوليات واري کاتي طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
نوٽيفڪيشن موجب، لاهور ۾ فضائي گدلاڻ سبب اسڪول کلڻ جي شيڊيول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن لاءِ اسڪول صبح اٺ لڳي 45 منٽن تي کلندا، اسڪول کلڻ جو نئون وقت 28 آڪٽوبر کان 31 جنوري 2025ع تائين لاڳو هوندو.
نوٽيفڪيشن موجب، ٻارن جي اسيمبلي ڪلاس روم ۾ ٿيندي، جڏهن ته آئوٽ ڊور سرگرميون معطل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ لاهور ۾ 31 جنوري 2025ع تائين هر قسم جي آتشبازي تي پڻ بندش مڙهي وئي آهي.
پنجاب جي ماحوليات واري کاتي شهرين کي ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ ماسڪ ۽ ٻيون حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، گهرن جا در، دريون بند رکڻ ۽ گهڻي دير کليل جاءِ تي نه ويهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
مريم اورنگزيب موجب، حفاظتي اپاءَ شهرين کي سموگ جي اثرن کان بچائڻ لاءِ آهن، شهري گاڏين جي فٽنس ٽيسٽ ڪرائين ۽ سموگ ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.