شڪيب الحسن جو يوٽرن، ڏيهه واپس ورڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين

بنگلاديشي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شڪيب الحسن جو يوٽرن، ڏيهه واپسي جو پلان ملتوي ڪري ڇڏيائين.
اڳوڻي ڪپتان سيڪيورٽي خدشن سبب بنگلاديش نه وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ڇو ته ڍاڪا ۾ شيرِ بنگلا نيشنل اسٽيڊيم جي ٻاهران گذريل ڏينهن شڪيب الحسن خلاف مظاهرو ڪيو ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اسٽيڊيم ۾ مظاهرو ان وقت ڪيو ويو جڏهن گرائونڊ ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش جون ٽيمون پريڪٽس ڪري رهيون هيون.
ان ڏس ۾ شڪيب الحسن جو چوڻ آهي ته کيس واپس بنگلاديش وڃڻو هو پر هاڻ ائين لڳي رهيو آهي ته هو ڏيهه واپس نه وڃي سگهندو.
هن چيو ته سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي اهڙو فيصلو ڪيو ۽ اِهو سندس ذاتي سيڪيورٽي جو مسئلو آهي، وطن واپس نه ورڻ بابت حتمي فيصلو ڪري چڪو آهي.
شڪيب الحسن کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت ڪرڻي هئي، کيس ڏکڻ آفريڪا خلاف قومي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو هو.
شڪيب الحسن ڪيريئر جو آخري ٽيسٽ ميچ پنهنجي هوم گرائونڊ تي کيڏڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو هو.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 21 آڪٽوبر کان ميرپور ۾ شيڊيول آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.