اسان پنهنجي سياسي طاقت ذريعي آئيني ترميمون منظور ڪرائي ڏيکارينداسين: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين.
پ پ جي پارلياماني اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان اهي واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، جيڪي اڄ تائين پورا ناهن ٿيا، اسان آئيني ترميمن ڏانهن وڌي رهيا آهيون، مسودو تقريبن حتمي ٿي چڪو آهي، جنهن کي ن ليگ، پ پ ۽ جي يو آءِ جي جڊيشل سڌارن بابت تجويزن تي تيار ڪيو ويو آهي، اسان پنهنجي سياسي طاقت ذريعي ترميمون منظور ڪرائي سگهون ٿا ۽ منظور ڪرائي ڏيکارينداسين.
هن چيو ته اسان اهڙي ڪا ترميم نٿا آڻڻ چاهيون، جنهن ۾ ڪنهن کي لوتو بڻائڻو هجي، ترميمون پبلڪ ڪيون آهن ۽ سڀني کي اعتماد ۾ وٺي رهيا آهيون، مان مولانا فضل الرحمان سان ٻيهر ملاقات ڪندس، ان جا جائز مطالبا وزيراعظم سامهون رکيا آهن، اميد ته شهباز شريف جيڪي خاطريون ڪرايون آهن، انهن تي عمل ڪندو، ائين ٿيو ته ترميمون جلد منظور ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ اچي وينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.