رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ وڏي پئماني تي غير قانوني طور قائم نسوار جي ڪارخاني کي سيل ڪري وڏي مقدار ۾ نسوار ضبط ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب جده ميونسپلٽي طرفان نسوار جي غير قانوني ڪارخاني تي ڇاپو هنيو ويو، جنهن دوران 217 ڪلو نسوار ضبط ڪئي وئي، پڪڙيل نسوار ۾ بازار ۾ سپلاءِ لاءِ تيار هئي.
رپورٽ موجب ڇاپي دوران ڪيترين ئي پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، انهن پنهنجي رهائشگاهه تي نسوار ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو هو، جڏهن ته اتي نسوار کانسواءِ شيشا فليور به تيار ڪيا پئي ويا.
اختيارين موجب ضبط ٿيل نسوار کي ضايع ڪري پرڏيهين کي پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
You might also like