ساڍن پنج ڪروڙ پاڪستانين جي موبائيل ڊيٽا غير محفوظ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ساڍن پنج ڪروڙ پاڪستانين جي موبائيل ڊيٽا محفوظ نه آهي.
اسرائيل جي ناليواري عسڪري تاريخدان ۽ ليکڪ يووال نووا هاراري پنهنجي نئين ڪتاب Nexus ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شڪي دهشتگردن جي ڳولا لاءِ اسڪاءِ نيٽ نالي مصنوعي ذهانت وارو سسٽم پاڪستان جي موبائيل فون نيٽ ورڪ جي وڏي پئماني تي نگراني ۽ ساڍن پنج ڪروڙ پاڪستانين جي موبائيل ڊيٽا جمع ڪري ٿو.
ان ئي ڊيٽا جي بنياد تي مصنوعي ذهانت وارو سسٽم ماڻهن جي دهشتگرد هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو ڪري ٿو.
ڪتاب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 15-2014ع ۾ آمريڪي نيشنل سيڪيورٽي ايجنسي اسڪاءِ نيٽ جي نالي سان هڪ مصنوعي ذهانت وارو سسٽم متعارف ڪرايو.
اِهو سسٽم ماڻهن کي آن لائين لکڻين، سفري رڪارڊ ۽ سوشل ميڊيا پوسٽن جي بنياد تي ” شڪي دهشتگردن“ جي لسٽ ۾ شامل ڪندو هو.
آمريڪي سي آءِ اي ۽ اين سي اي ٻنهي جي هڪ اڳوڻي ڊائريڪٽر موجب، آمريڪا آن لائين ميٽا ڊيٽا جي بنياد تي ماڻهن کي بلاڪ ڪري ٿو، اعتماد جوڳي نه هئڻ سبب اسڪاءِ نيٽ کي سڄي دنيا ۾ ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.
آمريڪا جي اڳوڻي انٽليجنس اهلڪار ايڊورڊ اسنوڊن 2013ع ۾ عالمي نگراني جي ڳجهن آمريڪي پروگرامز بابت جيڪا ڊيٽا ليڪ ڪئي ان ذريعي سموري دنيا کي پتو پيو ته آمريڪي ۽ برطانوي ڳجهيون ايجنسيون سِم ڪارڊ ٺاهيندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني کي هيڪ ڪري ان جي سمورين سمن جي ڊيٽا، ڳجها ڪوڊ ۽ اينڪرپشن ڪيز چوري ڪري ورتيون، اهڙي ريت ڳجهين ايجنسين کي هميشه لاءِ انهن موبائيل فونز تائين پهچ حاصل ٿي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.