اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ديامر ڀاشا ۽ مهمند ڊيمز فنڊز ڪيس جي 9 آڪٽوبر جي ٻڌڻي جو لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ڊيمز فنڊ لاءِ قائم پنهنجو ئي اڪائونٽ بند ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو ته ڊيمز فنڊ ۾ موجود رقم وفاقي حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي وڃي، ڊيمز فنڊ جي منتقلي لاءِ حڪومت جي پبلڪ اڪائونٽ جو ذيلي اڪائونٽ کوليو وڃي، حڪومت اهڙا قدم کڻي ته نجي بئنڪن کان ڊيمز فنڊ جي رقم تي مارڪ اپ وٺي سگهجي.
عدالتي حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊيمز جي تعمير لاءِ جڏهن به رقم گهربل هجي لاڳاپيل اڪائونٽ مان استعمال ڪري سگهجي ٿي، ڊيمز فنڊ ڪيس ۾ داخل سموريون درخواستون اڪلايون وڃن ٿيون.
Next Post
You might also like