ملتان (ويب ڊيسڪ ) ملتان ٽيسٽ ۾ پاڪستاني اسپنر ساجد خان نئون رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ ملتان جي انٽرنيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري آهي.
پاڪستان پهرين اننگز ۾ 366 رنسن اسڪور ڪيون جنهن جي جواب ۾ انگلينڊ جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ 291 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
انگلينڊ سمورن ڏهن بيٽرن کي قومي اسپنرن ساجد خان ۽ نعمان علي آئوٽ ڪيو .
ساجد خان 111 رنسن عيوض ست وڪيٽون حاصل ڪيون جيڪو ملتان اسٽيڊيم ۾ ڪنهن به اسپنر جو بهترين بالنگ اسپيل آهي.
ساجد خان کان اڳ ابرار احمد 2022ع ۾ انگلينڊ خلاف 114 رنسون ڏئي ست آئوٽ ڪيا هئا، نعمان علي به 101 رنسن ڏئي ٽي وڪيٽون ورتيون.
You might also like