ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون.
چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته هوا ۾ گهڻي گهم سبب گرمي پد جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، ٻه کان ٽي ڏينهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ۽ خشڪ هوائون گهلي سگهن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته نومبر جي وچ کان صبح ۽ رات جو ٿڌ جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هلندڙ سال ٿڌ معمول موجب رهندي.
You might also like