ملڪي ۽ عالمي منڊي ۾ سون اگهه بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون ملڪي ۽ عالمي مارڪيٽس ۾ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون ست سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 77 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو .
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 6 سئو رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 38 هزار 254 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾في اونس سون جي قيمت 7 ڊالر واڌ بعد 2 هزار 6 سئو 82 ڊالرز آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.