وفاقي حڪومت جو بند ڪئي ويندڙ آءِ پي پيز کي 72 ارب رپيا ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت بند ڪئي ويندڙ 5 آءِ پي پي پيز کي تقريبن 72 ارب رپين جون ادائيگيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب سڀ کان وڌيڪ ساڍا 36 ارب 50 ڪروڙ رپيا حبڪو کي ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته روش پاور کي ساڍا 15 ارب رپين جي ادائيگي ڪئي ويندي.
اَي اِي ايس لال پير کي 12 ارب 80 ڪروڙ رپيا ۽ اٽلس پاور کي 6 ارب رپيا ادا ڪيا ويندا، صبا پاور کي هڪ ارب رپيا ڏنا ويندا.
بند ڪئي ويندڙ انهن سڀني پاور پلانٽس جي مجموعي پيداواري صلاحيت 2400 ميگا واٽ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.