اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آئيني ترميم خلاف درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
پاڪستان بار ڪائونسل جي ميمبرن طرفان وڪيل حامد خان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ آئيني درخواست واپس وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، حامد خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جون خدمتون رڳو درخواست واپس وٺڻ لاءِ حاصل ڪيون ويون آهن، درخواست 6 وڪيلن داخل ڪئي هئي، اهي پاڻ به چئي سگهن پيا درخواست واپس وٺڻ چاهن ٿا.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪندي چيو ته اوهان رڳو اعتراضن خلاف درخواست واپس وٺي رهيا آيو يا اصل درخواست به؟، جنهن تي وڪيل حامد خان چيو ته درخواست ۽ اعتراضن خلاف ٻئي درخواستون واپس وٺي رهيا آهن.
سپريم ڪورٽ آئيني ترميم خلاف درخواستون واپس وٺڻ جي بنياد تي خارج ڪري ڇڏيون
You might also like