آئيني ترميمن وارو مامرو، ٽن پارٽين جي وڏڙن ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) گذريل ڏينهن ٽن پارٽين جي وڏڙن وچ ۾ ٿيل گڏجاڻيءَ جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان جاتي امراءَ لاهور ۾ سياسي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ پنجاب جي وزيرِ اعليٰ مريم نواز شرڪت ڪئي.
گڏجاڻي ۾ 26هين آئيني ترميم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.
گڏجاڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جي يو آءِ آئيني ترميم تي مشاورت لاءِ پ پ سان ملاقات ڪئي، پ پ سان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي اتفاق راءِ ڪيو هو.
هن چيو ته عدليه بابت سڌارن تي اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتو آهي، ٻين ترميمن تي به مشاورت ڪندا، شروعاتي ترميم کي رد ڪيو هو، ان کي اڄ به رد ڪن ٿا.
فضل الرحمان جو چوڻ هو ته حڪومتي جماعتن سان جي يو آءِ ڳالهيون ڪيون، اهم مسئلن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ته ملڪ به بچندو ۽ آئين به بچندو.
جي يو آءِ سربراهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو اڄ اسلام آباد پهچي پي ٽي آءِ قيادت سان ملاقات ڪندو ۽ پي ٽي آءِ قيادت جي راءِ آئيني ترميم ۾ شامل ڪندا.
ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ ۽ جي يو آءِ وچ ۾ اتفاق ٿيو هو، اڄ ٽنهي جماعتن ۾ اتفاق ٿيو آهي، آئيني عدالتن ذريعي آئين جي بالادستي ۽ تڪڙو انصاف چاهين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته سڌارن کانپوءِ عوام کي نظر ايندو ته آئين جي دفاع لاءِ ڇا ڪن ٿا، مناسب وقت تي تجويز ڪيل ترميمن کي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائيندا.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته عدليه بابت آئيني ترميم تي ٽن پارٽين جو اتفاق راءِ ٿي چڪو آهي، ٻين تجويز ڪيل بابت ايندڙ ڏينهن ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي ويندو.
هاڻ گذريل ڏينهن ٿيل اهم ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي جنهن موجب، مسلم ليگ (ن)، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ عدالتي سڌارن تي اتفاق ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب، طئي ٿيل عدالتي سڌارن تي مولانا فضل الرحمان اڄ پي ٽي آءِ قيادت کي اعتماد ۾ وٺندو.
ذريعن جو چوڻ اهي ته اعتراض وارن شقن تي ن ليگ جي قيادت پاڻ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مشاورت ڪندي، گڏجاڻي ۾ گڏيل مسودي تي اتفاق راءِ جي ڪوشش جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ذريعن موجب، سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻيءَ ۾ نوَ مئي جي جوابدارن جي ٽرائل لاءِ فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق راءِ نه ٿي سگهي، پ پ ۽ جي يو آءِ کي فوجي عدالتن تي خدشا آهن جڏهن ته نون ليگ فوجي عدالتن قائم ڪرڻ چاهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.