پي ٽي آءِ جو آئيني ترميم خلاف ملڪ گير احتجاج جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي سياسي ڪميٽيءَ طرفان آئيني ترميمن خلاف ڀرپور مزاحمت ڪرڻ ۽ جمعي تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جي صدارت هيٺ پارٽي جي سياسي ڪميٽي جو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو جنهن ۾ آئيني ترميمن جي ڀرپور مزاحمت جو فيصلو ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، آئيني ترميم جي ذريعي آئين سان هٿ چراند جي ڪوشش ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ ترميم جو رستو روڪڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته سياسي ڪميٽي عمران خان جي بنيادي حقن ۽ سندس خاندان، وڪيلن ۽ پارٽي اڳواڻن تائين پهچ جي فوري بحالي جو مطالبو ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.