”ست حڪومتي ميمبر آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا“ بئريسٽر گوهر جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر دعويٰ ڪئي آهي ته آئيني ترميم لاءِ حڪومتي بئنچز مان ست ميمبر ترميم جي حق ۾ ووٽ نه ڏيندا.
آئيني ترميم بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته حڪومت جا ووٽ رڳو سندن ڪتابن ۾ پورا آهن، حڪومت پنهنجي ميمبرن کان پڇيو نه ڊپ کان جواب ڏنو آهي، اعتماد جوڳن ذريعن وٽان خبر آئي آهي ته ست ميمبر ووٽ نه ڏيندا.
پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِهي ميمبر چون ٿا ته هو ووٽ نه ڏيندا، اسان ان ڳالهه تي يقين نٿا رکون ته ووٽ اهڙي طريقي سان ڏنا وڃن، حڪومتي ميمبرن چيو ته ڀلي اسان نااهل ٿي وڃون پر ووٽ نه ڏينداسين، شايد بلاول کي به ڄاڻ هوندي ته سندس پنهنجا ميمبر ئي ووٽ ناهن ڏئي رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.