ممبئي(ويب ڊيسڪ ) ڀارتي رياست مهارشٽرا جي راڄڌاني ممبئيءَ ۾ مارجي ويل مسلم سياستدان بابا صديقي جي قتل جي جاچ جاري آهي.
ڀارتي سياستدان ۽ ڪاروباري شخصيت بابا صديقيءَ کي 12 آڪٽوبر جي ڏينهن ممبئي جي پوش علائقي باندره ۾ سندس پٽ ذيشان صديقي جي آفيس جي ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.
پوليس سندس قتل جي الزام هيٺ چئن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته بشنوئي گينگ قتل جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
مقامي ميڊيا بابا صديقي جي قتل وقت آفيس ۾ موجود ڪجهه ڪارڪنن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هڪ ڪارڪن ٻڌايو ته بابا صديقي ۽ پٽ ذيشان صديقي گڏ نماز پڙهي، پوءِ ذيشان ماني کائڻ هليو ويو، جڏهن ته بابا کيس چيو ته هو به ڪم ختم ڪري ٻن ٽن منٽن ۾ نڪري ويندو.
بابا صديقي جي پٽ جي آفيس ٻاهران سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته حملو ڪندڙن بابا صديقي جو آفيس ٻاهران اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ انتظار ڪيو، ٻاهر مفت ۾ ملندڙ شربت پڻ پئيندا رهيا، بابا جيئن ئي ڪارڪنن ۽ پوليس گارڊ سان گڏ ٻاهر آيو ته شوٽرن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بابا کي ٻه گوليون سيني ۽ هڪ ڄنگهه ۾ لڳي، ساڻس گڏ موجود هڪ پراڻو ساٿي کيس پوليس آفيسر سان گڏ گاڏي ۾ وجهي اسپتال روانو ٿيوان دوران کيس بابا صديقيءَ چيو ته ” مون کي گوليون لڳيون آهن، مان ڪو نه بچندس، مري ويندس.“
رپورٽس ۾ چيو ويو آهي ته بابا صديقي اِهي لفظ چوڻ کانپوءِ ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
You might also like