اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس نئين تاريخ لکي ڇڏي.
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڪاروبار دوران 290 پوائنٽن جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 86 هزار 130 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران انڊيڪس ۾ وڌيڪ بهتري آهي ۽ 400 پوائنٽن جي واڌ سان انڊيڪس 86 هزار 513 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.