انسٽاگرام جو نئون فيچر فالوورز وڌائڻ ۾ مددگار، استعمال جو طريقو ڄاڻيو

جيڪڏهن اوهان انسٽاگرام تي پنهنجا فالوورز وڌائڻ چاهيو ٿا ته ميٽا جي ملڪيت فوٽو شيئرنگ ايپ جو نئون فيچر گيم چينجر ثابت ٿيندو.
انسٽاگرام ۾ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ڪيو آر ڪوڊ ذريعي اوهان جي پروفائيل کي ڊسڪور ايبل بڻائي ڇڏيندو، اِهو فيچر پروفائيل ڪارڊز تيار ڪندو.
اِهي پروفائيل ڪارڊز ڊبل سائيڊڊ هوندا جنهن منجهان هڪ سائيڊ کي ڪيو آر ڪوڊ ذريعي اسڪين ڪرڻ ممڪن هوندو جڏهن ته ٻي سائيڊ ۾ اوهان جي پروفائيل هينڊل، پروفائيل تصوير، بائيو ۽ اوهان جو پسنديده گيت موجود هوندو.
ان کانسواءِ ان اوهان پروفائيل بيڪ گرائونڊ کي سيلفي يا ايموجي سان ڪسٽمائز به ڪري سگهو ٿا.
انسٽاگرام طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اِهو فيچر بنيادي طور تي اوهان جي اڪائونٽ جي ڊجيٽل بزنس ڪارڊ طور ڪم ڪندو.
فيچر ذريعي واهپيدارن کي پنهنجي پروفائيلز جا فالوورز وڌائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ڪمپني موجب ان فيچر جو مقصد ذاتي پروفائيلز کي پروفيشنل پروفائيلز طور پيش ڪرڻ آهي.
ڪمپني موجب، اِهو فيچر واهپيدارن لاءِ پنهنجي پروفائيلز مختلف برانڊ سان شيئر ڪرڻ جو سولو ذريعو ثابت ٿيندو.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو ڄاڻيو
فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ انسٽاگرام ايپ اوپن ڪريو ۽ پوءِ پروفائيل سيڪشن ۾ وڃو.
پروفائيل سيڪشن ۾ شيئر پروفائيل آپشن تي ڪلڪ ڪريو جنهن کانپوءِ پروفائيل ڪارڊ ٺهي ويندو.
جيڪڏهن اوهان پروفائيل ڪارڊ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ چاهيو ٿا ته ايڊٽ آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو ۽ پنهنجي پسند جا تفصيل شامل ڪريو.
ان کانسواءِ واهپيدارن لاءِ پروفائيل ڪارڊز کي اسٽوريز سان گڏوگڏ پليٽ فارمز تي شيئر ڪرڻ به ممڪن هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.