لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ مهانگائي 3 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي.
برطانيا ۾ مهانگائي بئنڪ آف انگلينڊ جي 2 سيڪڙو هدف کان به هيٺ اچي وئي آهي ۽ هن وقت مهانگائي جي شرح 1.7 آهي، جيڪا گذريل 3 سالن جي گهٽ ترين سطح آهي.
برطانيا ۾ مهانگائي هيٺ اچڻ باوجود شين جي اگهن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي پر اگهه وڌڻ جي رفتار سست آهي.
برطانوي ميڊيا موجب پيٽرول ۽ فضائي ڀاڙن ۾ گهٽتائي مهانگائي گهٽجڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته مهانگائي گهٽجڻ سان ايندڙ مهيني وياج جي شرح ۾ به گهٽتائي جو امڪان آهي.
You might also like