لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم جو سندس جاءِ تي ٽيم ۾ شامل ٿيندڙ بيٽر ڪامران غلام جي ڊيبيو سينچري تي ردعمل سامهون آيو آهي.
بابر اعظم جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندڙ ڪامران غلام پنهنجي ڊيبيو ٽيسٽ ۾ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي سينچري اسڪور ڪئي هو 118 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي قومي ٽيم پنج وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
ڪامران غلام جي ڊيبيو ٽيسٽ ۾ سينچري تي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم به خوشيءَ جو اظهار ڪندي پوسٽ شيئر ڪئي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ بابر اعظم ڪامران غلام جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي لکيو ته ” ويل پليڊ ڪامران.“
واضح رهي ته ڪامران غلام کان اڳ ڊيبيو ٽيسٽ ۾ پاڪستان طرفان خالد عباد الله، جاويد ميانداد، سليم ملڪ، محمد وسيم، علي نقوي، اظهر محمود، يونس خان، توفيق عمر به سنچري اسڪور ڪري چڪا آهن.
ان کانسواءِ يونس خان، فواد عالم، عمر اڪمل، عابد علي به پاڪستان طرفان ڊيبيو ٽيسٽ ۾ سينچري ٺاهي چڪا آهن.
ياسر حميد ڊيبيو تي ٻنهي اننگز ۾ سينچري ٺاهيندڙ اڪيلو پاڪستاني بيٽر آهي، ياسر حمديد ويسٽ انڊيز جو لارنس روئي ڊيبيو ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ سينچري هڻندڙ بيٽرز آهن.
فواد عالم ۽ عمر اڪمل کي اِهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڊيبيو ٽيسٽ سينچري ملڪ کان ٻاهر ميزبان ملڪ خلاف اسڪور ڪئي جڏهن ته باقي رانديگرن هوم گرائونڊ يعني پاڪستان ۾سينچريون اسڪور ڪيون.