ٽڪ ٽاڪ 3 مهينن ۾ پاڪستان مان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز ڊليٽ ڪري ڇڏيون

شارٽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ ڪميونٽي گائيڊ لائنز جي ڀڃڪڙي تي 2024 جي ٻين ٽن مهينن دوران پاڪستان مان 3 ڪروڙ کان وڌيڪ وڊيوز ڊليٽ ڪري ڇڏيون.
ٽڪ ٽاڪ طرفان جاري ڪيل ڪميونٽي گائيڊ لائنز انفورسمينٽ رپورٽ موجب تازي عرصي ۾ پاڪستان ۾ ٽڪ ٽاڪ تان 30709744 کان وڌيڪ وڊيوز ڊليٽ ڪيون ويون.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته جن وڊيوز کي ڊليٽ ڪيو ويو، انهن مان 99.5 سيڪڙو وڊيوز کي واهپيدارن طرفان رپورٽ ڪرڻ کان اڳ ئي ڊليٽ ڪيو ويو، جڏهن ته 97 سيڪڙو کي 24 ڪلاڪن اندر ڊليٽ ڪيو ويو.
ڄاڻايل انگ اکر ٽڪ ٽاڪ طرفان پليٽ فارم کي پاڪستاني واهپيدارن لاءِ محفوظ پليٽ فارم يقيني بڻائڻ جي عزم کي اجاڳر ڪن ٿا.
هتي اها ڳالهه به ياد رهي ته ٽڪ ٽاڪ تي روز سڄي دنيا جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو وزٽ ڪندا آهن ۽ اتي لکن جي انگ ۾ وڊيوز ۽ تصويرن سميت ٻيو مواد پوسٽ ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.