انگلش ڪرڪيٽ بورڊ به پي سي بي کي ٽرول ڪرڻ لڳو!

ملتان( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ پهرين ميچ واري پِچ تي کيڏي پئي وڃي جنهن تي انگلش بورڊ به پي سي بي کي ٽرول ڪرڻ لڳو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ طرفان پاڪستان خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ سوشل ميڊيا تي ٽرول جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
ٽيم جي ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پهچڻ تي انگلش بورڊ طرفان ايڪس تي پوسٽ شيئر ڪئي وئي.
پوسٽ ۾ لکيو ويو ته ” ڇهين ڏينهن لاءِ تيار ٿي رهيا آهيون“ ان کانپوءِ ڇهين ڏينهن کي ڪاٽي” ڊي ون “ لکيو ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ٽرولنگ وارو ايموجي پڻ استعمال ڪيو ويو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ جي پهرئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي قومي ٽيم پنج وڪيٽن جي نقصان تي 259 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.