رواداري مارچ مٿان تشدد واري معاملي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي تي سوال اُٿڻ لڳا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ رواداري مارچ تي لٺبازي واري معاملي جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميٽي تي سوال اُٿڻ لڳا.
ذريعن موجب، ڪجهه پوليس آفيسرن آءِ جي سنڌ آڏو ڪميٽي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته هنگامي دوران مقرر آفيسرن کي ئي جاچ ڪميٽيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ اهي ته جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڊي آءِ جي اسپيل برانچ فدا حسين مستوئي کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ کي واقعي واري ڏينهن ريڊ زون ۾ مظاهرين کي تفصيل ڏيڻا هئا.
ذريعن موجب، اسپيشل برانچ وٽ ڪينٽ اسٽيشن ويجهو مظاهري جا تفصيل نه هئا، ٽي تلوار تي ڊي آءِ جي ڏکڻ، ايس ايس پي ڪياماڙي ۽ ايس پي انويسٽيگيشن ڏکڻ جي ڊيوٽي هئي جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن ويجهو مظاهرو ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ٽي تلوار تي موجود آفيسرن کي اتي اچڻو پيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پريس ڪلب تي ايس ايس پي اي وي ايل سي عارف رائو اسلم ۽ ايس ايس پي ڏکڻ مقرر هئا، پريس ڪلب تي موجود ٻنهي آفيسرن جي موجودگيءَ ۾ ئي احتجاج ڪندڙن تي لٺبازي ڪئي وئي.
ذريعن موجب، ايس ايس پي اي وي ايل سي عارف رائو اسلم کي به جاچ ڪميٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ڪراچي ۾ رواداري مارچ تي لٺبازي واري معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
اي آءِ جي آپريشن اظهر خان معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي جنهن جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو.
نوٽيفيڪشن موجب، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ فدا حسين مستوئي ڪميٽي جو سربراهه هوندو جڏهن ته ڊي آءِ جي اولهه عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي عارف اسلم رائو ڪميٽي ۾ شامل آهن.
ڪميٽي کي 5 ڏينهن اندر واقعي جي جاچ ڪري رپورٽ ڏيڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.