لاڙڪاڻو ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ۾ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي گهر تي ڪريڪر حملو ڪيو ويو، ڪو به جاني يا مالي نقصان ناهي ٿيو.
اڻڄاتل جوابدار نثار کهڙي جي گهر ٻاهران ڪريڪر اڇلائي فرار ٿي ويا، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو،
پوليس موجب، جوابدارن ڪريڪر گهر اندر اڇلائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀت وڏي هئڻ سبب ڪريڪر گهر ٻاهران ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.
ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار پ پ اڳواڻ جي گهر ٻاهران ڪريڪر اڇلائڻ جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ هو ته ڪريڪر حملو ڪندڙ جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.
Next Post
You might also like