اوٽاوا/نئين دهلي (ويب ڊيسڪ ) ڪئناڊا ۽ ڀارت هڪٻئي جي سفارتڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ڪئناڊا ۾ سـِک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل جي جاچ ۾ ڀارتي سفير جو نالو شامل ڪرڻ تي سفارتي تڪرار وڌي ويو.
ڪئناڊا ڀارتي حڪومت جي تشدد مهم سان تعلق هجڻ تي انڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتي اهلڪارن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.
ڪينيڊين پوليس جو چوڻ آهي ته اطلاع آهن ته ڀارتي سفارتڪار ڳجهين سرگرمين لاءِ پنهنجي سرڪاري حيثيت جو فائدوکڻي رهيو آهي.
ڀارت جواب ۾ ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر سميت 6 سفارتڪارن کي ملڪ بدر جو فيصلو ڪيو آهي، ڀارتي حڪومت کين ملڪ ڇڏڻ لاءِ 19 آڪٽوبر تائين جو وقت ڏنو آهي.
ٻئي پاسي ڪئناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته ڀارتي سوچي غلطي ڪئي ته هو هتي ڪينيڊينز خلاف ڏوهن جي حمايت ڪري سگھي ٿي.
هن چيو ته ڪوبه ملڪ ڪئناڊا جي سرزمين تي تي شهرين جي قتل ۾ ملوث هوندو ته برداشت نه ڪندا.
هن وڌيڪ چيو ته هو ڀارت سان سفارتي ٽڪراءُ نٿا چاهين پر ڀارتي حڪومت جو رد عمل، انڪار، معاملو منجهائڻ، مٿس ذاتي طور تي حملا ڪرڻ ۽ ڪينيڊين حڪومت جي سالميت خلاف رهيو آهي.
Next Post
You might also like