ٻي ٽيسٽ: انگلينڊ جو پاڪستان خلاف پليئنگ اليون جو اعلان، ڪپتان اسٽوڪس جي واپسي

ملتان (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ لاءِ انگلينڊ پنهنجي يارنهن رڪني ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
انگلش ٽيم ۾ ڪپتان بين اسٽوڪس جي واپسي ٿي آهي، ٻين رانديگرن ۾ زيڪ ڪراولي، بين ڊڪِٽ ، اولي پوپ، جو روٽ، هيري بروڪ شامل آهن.
ان کانسواءِ جيمي سمٿ، برائيڊن ڪرس، ميٽ پوسٽ، جيڪ ليچ ۽ شعيب بشير به پليئنگ اليون جو حصو آهن.
ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ اهي ته ٽاس کٽي يقيني طور تي بيٽنگ ڪنداسين، پهرين ميچ واري پِچ اسپنرن لاءِ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بال ريورس سوئنگ به ٿيندو.
هن چيو ته سندن ڪوشش هوندي آهي ته ميچ جو نتيجو نڪري، پنج سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ باوجود اُها ٽيم ڪاميابي ماڻيندي جيڪا سٺي ڪرڪيٽ کيڏندي، اسان وڌيڪ رنسون ٺاهي پاڪستاني بيٽرن تي ٻي اننگز ۾ دٻاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته ميچ ۾ بال سوئنگ ۽ ريورس نه ٿي رهيو هو پوءِ به انگلش بالرن ڏهه، ڏهه وڪيٽون حاصل ڪيون، ڊي آر ايس وٺڻ وقت موجب ان ڏينهن جو فيصلو هوندو آهي، ڪوشش هوندي آهي ته سٺو نتيجو نڪري.
انگلش ڪپتان وڌيڪ چيو ته پِچ تي ٻنهي ٽيمن کي هڪ جيترو موقعو ملندو، ريورس سوئنگ ۽ سوئنگ سڀني لاءِ هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.