آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پليئر آف دي منٿ اعلان ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا جي ڪامينڊو مينش کي سپٽيمبر جي مهيني لاءِ پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي ۽ مينڊس ٻيو ڀيرو آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ ماڻيو آهي.
واضح رهي ته ڪامينڊو مينڊس گذريل مهيني ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ لاڳيتو اٺن ففٽي جو بابر اعظم جو رڪارڊ برابر ڪيو هو جيڪو بابر 2022ع ۾ ٺاهيو هو.
ٻئي پاسي وومينز ڪيٽيگري ۾ انگلينڊ جي ٽيمي بيومائونٽ آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ کٽي ورتو آهي.
ٽيمي بيومائونٽ کي به سپٽيمبر جي مهيني ۾ بهترين ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو ۽ هوءَ ڪيريئر ۾ ٻيو ڀيرو آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.