وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: نيوزيلنڊ جي فتح، ٽورنامينٽ ۾ سريلنڪا جو سفر تمام

شارجا (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي وومينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 15 هين ميچ ۾ نيوزيلينڊ سريلنڪا اٺ وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو.
شارجا جي تاريخي ميدان تي سريلنڪا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان چماري اٿاپتو 35 رنسن جي ٽاپ اننگز کيڏي، جڏهن ته نيوزيلينڊ جي ايمليا ۽ ڪراورلي ڪيسپرڪ ٻه، ٻه ايڊن ڪارسن هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ گهربل17 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ڪيوي بيٽر جارجيا پليمر ناقابلِ شڪست 53 رنسن جي اننگز کيڏي ۽ پليئر آف دي ميچ جو ايوارڊ حاصل ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.