لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ کان اڳ چئن قومي ڪرڪيٽرن جي فٽنس ٽيسٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، پي سي بي چئني ڪرڪيٽرن کي ٻي ٽيسٽ کان اڳ ملتان طلب ڪري ورتو آهي، فٽنس ٽيسٽ لاءِ ڪامران غلام، زاهد محمود، امام الحق ۽ نعمان علي کي طلب ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته نعمان علي ۽ زاهد محمود کي پهرين ٽيسٽ جي اسڪواڊ مان رليز ڪيو ويو هو، ٻئي ڪرڪيٽر فٽنس جي گهربل معيار تي پورو نه لهي سگهيا هئا.
ذريعن موجب، ٻي ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ٿيندڙ اسپنر ابرار احمد اڃا تائين مڪمل طور صحتياب نه ٿي سگهيو آهي ۽ اسپتال ۾ داخل آهي.
پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 15 آڪٽوبر کان ملتان ۾ شروع ٿيندي، مهمان ٽيم کي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي سرسي حاصل آهي.
You might also like