ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي اسٽار جوڙي اڀيشيڪ بچن ۽ ايشوريا راءِ جو رشتو ڊگهي عرصي کان مسئلن جو شڪار آهي.
جتي جوڙي ڪيئي مهينن کان گڏ ناهي ڏٺو ويو اتي آئي ڏينهن طلاق جا افواهه زور پڪڙي رهيا آهن.
ويجهڙائي ۾ پرڏيهي ميڊيا تي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسٽار جوڙي جي عليحدگي سبب اڀيشيڪ جو مبينا افيئر آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، واهپيدارن جي پوسٽس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته اڀيشيڪ بچن جو فلم ” دسوين “ جي ادڪارا نمرت ڪور سان غير ازدواجي تعلق جوڙي جي وچ ۾ عليحدگي جو سبب بڻيو جنهن کانپوءِ ٻنهي شخصيتن هڪ ٻئي کان رستا ڌار ڪري ورتا.
پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڀيشيڪ بچن نمرت ڪور سان افيئر ڪري ايشوريا کي ڌوکو ڏنو، مبينا طور تي اڀيشيڪ نمرت ڪور لاءِ سنجيدا هو پر جڏهن کيس پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ته هن ايشوريا راءِ وٽ واپس اچڻ جي ڪوشش ڪئي پر ايشوريا کيس قبولڻ انڪار ڪري ڇڏيو.
ٻئي پاسي اِها به دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اڀيشيڪ ايشوريا راءِ جي آڏو پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪري ٿو ڇو ته سندس فلمي ڪيريئر ناڪاميون کيس پريشان ڪنديون رهيون آهن.
You might also like