عدالت ڏوهاري کي موت جي سزا جا 3 آپشن ڏئي ڇڏيا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي عدالت جوابدار کي موت جي سزا جو طريقي ڪار پاڻ طئي ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو، عدالت ان کي اليڪٽرڪ چيئر، فائرنگ سڪواڊ يا زهريلي انجيڪشن ذريعي مرڻ جا 3 آپشن ڏنا.
پرڏيهي ميڊيا موجب 59 ورهين جي رچرڊ مور کي سيپٽمبر 1999 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، تقريبن 25 سال قيد ۾ گذارڻ کانپوءِ کيس پهرين نومبر کان اڳ پنهنجي سزا جي طريقي ڪار جي چونڊ ڪرڻي پوندي نه ته کيس پاڻمرادو اليڪٽرڪ چيئر ذريعي موت جي سزا ڏني ويندي.
جوابدار کي موت جي ڏنل ٽن اختيارن ۾ هر هڪ خطرناڪ آهي، جنهن سان قيدي کي سخت تڪليف پهچندي.
زهريلي انجيڪشن ۾ موجود ڪيميڪلز هوريان هوريان جسم کي تباهه ڪندا آهن ۽ اهو عمل ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت به وٺندو آهي.
ٻئي نمبر تي اليڪٽرڪ چيئر آهي، جيڪو اڳ ۾ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويندو هو، ان جا به خوفناڪ نتيجا هوندا آهن، جنهن سان قيدي جو جسم سڙڻ لڳندو آهي، رت اُٻرندو آهي ۽ اکيون گرمي سان ڦاٽي پونديون آهن.
ٽئين نمبر تي فائرنگ سڪواڊ ذريعي مارڻ شامل آهي، جنهن ۾ موت کي اڪثر تيز سمجهيو ويندو آهي پر جيڪڏهن نشانو سهي نه لڳي ته قيدي آهستي آهستي رت وهڻ سان مرندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.