واٽس ايپ ۾ فيسبڪ ۽ ٽيلي گرام جهڙو فيچر متعارف

جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ جي انتظاميا پنهنجي واهپيدارن جي سولائي ۽ تجربي کي بهتر بڻائڻ لاءِ نت نوان فيچر متعراف ڪرائيندي رهندي آهي.
ويجهڙائي ۾ واٽس ايپ تي ٽيلي گرام ۽ فيسبڪ ميسنجر سان ملندڙ جلندڙ رنگ برنگي ٿيمز متعارف ڪرايا ويا آهن جنهن ذريعي واٽس ايپ واهپيدار چيٽس جي سادي بيڪ گرائونڊ/پس منظر کي رنگا رنگ بيڪ گرائونڊ ۾ تبديل ڪري سگهندا.
ٽيڪنالوجي ويب سائيٽس موجب، واٽس ايپ جي نئين فيچر تائين في الحال سمورن واهپيدارن جي رسائي ممڪن نه آهي ڇو ته نوان رنگين چيٽ ٿيمز رڳو اينڊرائيڊ جي بيٽا ٽيسٽرز لاءِ دستياب آهن، پر نئون فيچر تمام جلد سمورن صارفين لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، رنگين ٿيمز موجودا ٿيمز جي ابتڙ سمورين چيٽس لاءِ دستياب آهن ۽ وال پيپرز به مختلف آهن.
ان کان اڳ واٽس ايپ واهپيدار لائيٽ ۽ ڪلرز موڊز وارو آپشن استعمال ڪندي بيڪ گرائونڊ ٿيم سليڪٽ ڪندا هئا، جڏهن ته انهن ٿيمز سان ٽيڪسٽ ببلز جو رنگ تبديل نه ٿيندو هو پر هاڻي نئين فيچر ذريعي واهپيدار چيٽ ٿيمز سان هڪجهڙائي رکندڙ ٽيڪسٽ ببلز پڻ بدلائي سگهندا.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ نون چيٽس ٿيمز ۾ ويهه مختلف رنگ ۽ ٻاويهه کان وڌيڪ ٽيڪسچر ٿيمز موجود آهن.
واهپيدار جي ڪنهن به مخصوص ٿيم کي سليڪٽ ڪرڻ کانپوءِ چيٽ جو بيڪ گرائونڊ تبديل ٿي ويندو، واٽس ايپ صارف هر چيٽ کي مختلف وال پيپز سان پنهنجي مرضيءَ مطابق تبديل ڪري سگهي ٿو، ائين ڪرڻ سان هر چيٽ ونڊو ٻئي کان مختلف ۽ منفرد نظر ايندي آهي.
واضح رهي ته ٿيمز وارو آپشن فيسبڪ ميسنجر ۽ ٽيلي گرام تي پهريان کان ئي موجود آهي پر واٽس ايپ ٿيمز پرائيويٽ آهن جنهن کي هر واهپيدار چيٽ لاءِ مختلف بڻائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.