نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست تامل ناڊو ۾ مسافر ٽرين مال گاڏي سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 19 مسافر زخمي ٿي پيا.
ڀارتي ميڊيا موجب ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته تامل ناڊو ۾ گذريل رات خوفناڪ حادثي ۾ مسافر ٽرين جون 12 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ۽ باهه لڳي وئي.
اختيارين ٻڌايو ته حادثي وقت ٽرين ۾ هڪ هزار 60 ماڻهو سوار هئا، ريسڪيو ٽيمن امدادي ڪارروائيون ڪندي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ مسافرن کي ڪاميابي سان ريسڪيو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب حادثي جو سبب سگنل فيل ٿيڻ کي قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like