جولاءِ کان سيپٽمبر کان انٽرنيٽ جي اسپيڊ بهتر رهي: پي ٽي اي جي دعويٰ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) موبائل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معيار جاچڻ جي سروي جاري ڪري ڇڏي.
پي ٽي اي دعويٰ ڪئي آهي ته اپريل کان جون تائين جي ڀيٽ ۾ جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 تائين انٽرنيٽ اسپيڊ بهتر رهي، اپ لوڊنگ، ڊائون لوڊنگ ۽ نيٽ ورڪ فراهمي ۾ بهتري رڪارڊ ڪئي وئي.
هوڏانهن سروي تفصيلن تي ٻڌل پي ٽي اي ويب لنڪ تي ڄاڻ گم آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۾ گذريل ڪجهه مهينن کان انٽرنيٽ سروس سستي جو شڪار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.